شومت ڀيرو

شومت ڀيرو (راڳڻي): شومت راڳڻيءَ جو تعلق ڀيرو ٺاٺ سان آهي. هي هڪ مشرميل راڳ آهي. مشرميل راڳ ان راڳ کي چئبو آهي، جيڪو ٻن ٺاٺن مان پيدا ٿئي. هن راڳ ۾ ٺاٺ ڀيرو ۽ ٺاٺ ٽوڙيءَ جي ملائڻ سان شومت ڀيرو راڳ جي شڪل ظاهر ٿئي ٿي. هن راڳ جي آروهيءَ ۾ گنڌار (گا) ۽ نکاد (ني) جي تيور هجڻ جي ڪري ڀيرو جي صورت ڏيکاري وڃي ٿي ۽ امروهيءَ ۾ ڪن سرن کي ڪومل ڏيکارڻ سان ٽوڙي ٺاٺ جو روپ نظر اچي ٿو. هي راڳ قديمي دور کان اڇوپ راڳ جي روپ ۾ رهيو آهي. اڇوپ راڳ لڪل راڳ کي چئبو آهي، اهڙو راڳ جيڪو عام طور تي نه ڳايو وڃي، پر آڳاٽي زماني ۾جڏهن وڏن گوين ۽ راڳين جون پاڻ ۾ ڪچهريون يا مقابلا ٿيندا هئا، تڏهن گويا هڪٻئي کي اڇوپ راڳن جي فرمائش ڪري ڳائيندا وڄائيندا هئا. اهڙيءَ طرح اڇوپ راڳ موسيقيءَ جي ٿيندڙ مقابلن ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. راڳ شومت ڀيرو ۾ وادي سر ڌيوت (ڌا) ۽ سموادي سر رکب (ري) آهي.


لفظ شومت ڀيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو